تاجو فقير اوٺوال

تاجو فقير اوٺوال: تاجي فقير جو اصل نالو تاج محمد هو. پاڻ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو وفادار فقير ۽ مغلن کان سنڌ جي آزاديءَ واري تحريڪ جو اهم ڪارڪن هو. ميان نصير محمد جي وفات کان پوءِ هي ميان دين محمد جي اميرن ۾ به شامل رهيو. دهليءَ جي بادشاهه بھادر شاهه پنھنجي دور حڪومت ۾ سنڌ تي فوج ڪشي ڪرائي ته ڪلهوڙن جي فوج تاجي فقير جي اڳواڻيءَ هيٺ مغل فوج جو مقابلو ڪيو. جنھنڪري دهليءَ جي فوج کي شڪست ملي. انھيءَ شڪست جي بدلي وٺڻ لاءِ ملتان جو گورنر شھزادو معزالدين پاڻ سنڌ تي ڪاهي آيو، ته جيئن سنڌي عوام جي مزاحمت کي ختم ڪري مغل بالادستيءَ کي قائم رکي ۽ تحريڪ آزادي ۽ ميان دين محمد جي آزاد عبوري حڪومت جو خاتمو ڪري. ميان دين محمد گورنر هٿان گرفتار ٿي ويو، پر ميان يار محمد مغل فوج سان مزاحمت ڪئي ۽ گاج وٽ سخت جنگ لڳي. جتي تاجو فقير بھادري سان وڙهندي شھيد ٿي ويو. سندس مزار ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ آهي ۽ مٿس مقبرو تعمير ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو